اشرف بلوچ

اشرف بلوچ

اشرف بلوچ 2

اشرف بلوچ: اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو. هي سچل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ 1982ع ڌاري ڪاليج جي هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ حصو ورتائين. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سائيڪالاجي) جي ڊگري حاصل ڪئي، جتي سندس استاد خيرالنساءَ جعفري هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1985ع ڌاري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. اداڪاريءَ ۾ فيروزالدين ’احساس‘، بلاول پرديسي ۽ بشير احمد سندس استاد هئا. ريڊيو تي پروڊيوسر انور بلوچ سندس آواز جو امتحان وٺي کيس سنڌي ڊراما آرٽسٽن جي فھرست ۾ شامل ڪيو. سندس پھريون ڊرامو ’واچوڙن جي واٽ‘ آهي. اشرف بلوچ ڊراما آرٽسٽ سان گڏوگڏ سٺو انائونسر ۽ ڪمپيئر پڻ آهي. ڪجھه گيت به ڳايا اٿس. ڪجھه سنڌي فلمن جي ڊبنگ به ڪئي آهي. ’اوهان جي فرمائش‘، ’صبح مھراڻ‘ ۽ ’يادون وسرنديون ڪونه‘ جھڙن ريڊيو پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪري چڪو آهي. ريڊيو خيرپور جي پھرئين سنڌي ڊرامي ۾ حصو وٺڻ جو شرف به کيس حاصل آهي. خيرپور ريڊيو تان جھانگير قريشيءَ جي پيش ڪيل امر جليل جي ڊرامي ۾ پڻ ڀرپور نموني ڪردار نڀايائين. ريڊيو پاڪستان تي زاهد قلباڻي ۽ منير سومري کيس گيسٽ پروڊيوسر طور نامزد ڪيو. ريڊيو کانسواءِ ٽي وي جي ڪجھه ڊرامن ۾ پڻ حصو ورتائين. 2019ع ۾ مھراڻ ٽي وي تان ’سنڌي فلم ۽ فنڪار‘ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيائين ۽ 2020ع کان ’مھراڻ جا راڳي‘ جي نالي سان مھراڻ ٽي وي تان سندس پروگرام هلندڙ آهي. هي ڪافي عرصو لنڊن ۽ آمريڪا ۾ رهي چڪو آهي. 2000ع ۾ بي بي سي تان جاويد سومري سندس انٽرويو نشر ڪيو. اشرف بلوچ، خيرپور، حيدرآباد، پني عاقل ۽ نوابشاهه ۾ ڪيترائي اسٽيج ناٽڪ ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.05  عيسوي

اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهده گوپانگ
ابراهيم کرل
چندر گپت موريا
اندر جيت لوهاڻو
جان محمد عباسي فدا
خليفو ميو فقير
پنوشي
چارلس ڊڪنس
الطاف حسين 2
عاشق حسين سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون